آشا ساھت منڊل

آشا ساھت منڊل: آشا ساھت منڊل جو بنياد ديو سڀاڻي ۽ سندس ڀاءُ تيرٿ سڀاڻي وڌو. ديو گوبند سڀاڻي (1911، 2000ع) لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم لاڙڪاڻي مان وٺڻ بعد 1933ع ۾ ڪراچيءَ جي ڊي. جي سنڌ ڪاليج مان بي. اي. ڪئي.جنھن بعد انشورنس جي نوڪري شروع ڪئي. سندس ننڍو ڀاءُ تيرٿ گوبند سڀاڻي (1906، 1990ع) مترجم، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ھو. تيرٿ سڀاڻي صحافت سان گڏ سياست ۾ به حصو ورتو. ھنن ڀائرن گڏجي ڪراچي شھر ۾ 1941ع ۾ ماھوار ”آشا“ رسالو جاري ڪري ”آشا ساھت منڊل“ به قائم ڪئي. ھن منڊل 1947ع تائين پنھنجو اشاعتي پروگرام جاري رکيو. ھن منڊل طرفان برصغير جي مختلف ليکڪن جا شاهڪار سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرايا ويا. منڊل جي مترجمن ۾ ديو سڀاڻي، نانڪ ھنڱوراڻي، ڪماري ھمير ا جاڻي ۽ تيرٿ سڀاڻي قابل ذڪر آھن. منڊل پاران ڇپيل ناولن ۾:”سدا سھاڳڻ“ (ديو سڀاڻي)، ”ناري سنسار“ (مخزن زالن لاءِ)، ”گورا“ (گلي ڪرپالاڻي)، ”شاعر “ (آسانند مامتورا)، ” جيون ڪلا“ (چوھڙ ھندو جا)، ”ٻه پڙدا“ (1941ع، گوبند رام سڀاڻي جو لکيل)،”ٻه دليون“ (1947ع، آر.ايس شرما جو لکيل) ۽ ”آرسي“ (آسانند مامتوار، 1943ع) شامل آھن.


لفظ آشا ساھت منڊلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو